پاٽائي شيخ جندالله

پاٽائي، شيخ جندالله: شيخ عيسيٰ جندالله بن قاسم سنڌي پاٽائي،”تاريخ فرشته“ جي مؤلف ملا محمد قاسم بن مولانا غلام علي هندو شاهه استرآبادي جو همعصر هو. شيخ جندالله 1555ع ۾ پاٽ ۾ پيدا ٿيو، پاٽ ۾ سندس بنيادي تعليم، ازدواج ۽ اولاد، مدرسي ۽ مسجد جا اهڃاڻ ملن ٿا. طب جي علم ۽ حق جي ڳولها ۾ هو پنهنجي ڏاڏي يوسف سنڌي ۽ پيءُ شيخ قاسم وانگر هند- سنڌ ۾ سفر ڪندو رهيو، آخر 1574ع ۾ والد جي وفات کان پوءِ محمد عثمان بوبڪائي صديقي جي درس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ برهانپور روانو ٿيو. برهانپور ۾ هو عشق مجازي ۽ حقيقي ۾ مبتلا ٿي ويو، کيس پاٽ ۽ برهانپور ۾ ٻن الڳ الڳ زالن مان پٽاڻو ۽ ڌياڻو اولاد هو. هڪ ڏينهن برهانپور جي ”چوڪ بازار“ ۾ هڪ دڪان تي ويٺو هو ته اتان شيخ لشڪر محمد عارف جي گذرندي شيخ عيسيٰ تي نظر پئي ۽ پڇيائون ته هي نوجوان ڪير آهي؟ ماڻهن مان ڪنهن عرض ڪيو ته هي شيخ طاهر محدث جو ڀائيٽيو آهي ۽ شيخ عيسيٰ نالو اٿس، شيخ لشڪر محمد عارف گهوڙي کي بيهاري، کيس مخاطب ٿيندي چيو ته: ”تون ته اسان جو آهين، اسان وٽ ڇو نه ٿو اچين؟“ ائين چئي واڳ ورائي هليو ويو. پوءِ جڏهن شيخ عيسيٰ سندس خانقاهه تي اچي رسيو ته هميشه لاءِ هن جو ٿي ويو، سندس ناياب تصنيفون آهن: (1) روضة الحسنيءِ (989هه/ 1581ع)، (2) عين المعاني (997 هه/ 1588ع)، (3) انوار الاسرار (قرآن مجيد جو تفسير)، (4) رساله حواس پنجگانه، (5) حاشيه براشاره غريب ڪتاب انسان ڪامل، (6) شرح قصيده برده (فارسي ۾)، (7) رساله قبلة المذاهب اربعه معه اشارات اهل تصوف، (8) حاشيه برشرح ضيانيه، (9) فتح محمد درعلوم مايتعلق به التفسير، (10) تميه شرح ماه ڪامل، (11) رساله عقود، (12) شرح رباعيات، (13) ترجمه اسرار الوحي، (14) رساله وحدت الوجود، (15) رساله تعينات و حقيقت محمديه. شيخ عيسيٰ چند الله، شيخ محمد غوث گوالياريءَ جو خليفو ۽ شيخ محمد لشڪر جو مريد هو. شيخ برهان شطاري برهانپوري هن جو مريد ۽ خليفو هو، شيخ عيسيٰ 1031 هه/ 1621ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو